فرخ شاهه جاچ ۾ شامل، نيب پاران پيچوهو به طلب

سکر(جئيرام داس ) سکر نيب آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاھڻ جي ڪيس ۾ خورشيد شاھ جي پٽ کان پڇاڳاڇا شروع ڪئي آهي. نيب آصف زرداري جي ڀيڻويي ڊاڪٽر فضل الله پيچوھو کي به طلب ڪيو آهي. آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاھڻ جي ڪيس ۾ خورشيد شاھ جو پٽ ايم پي اي سيد فرخ شاھ نيب جي اڳيان پيش ٿيو، فرخ شاھ کان ملڪيت ٺاھڻ جي ڪيس ۾ پڇاڳاڇا ڪئي وئي. نيب آصف زرداري جي ڀيڻويي صحت جي اڳوڻي سيڪريٽري داڪٽر فضل الله پيچوھو کي به طلب ڪيو آھي. ڊاڪٽر فضل الله پيچوھو تي ڪشمور ۾ 12 ھزار اسڪوائر فٽ سرڪاري ايراضي غير قانوني طريقي سان الاٽمينٽ ڪرائڻ جو الزام آھي. اھا ايراضي ڀلائي وارن مقصدن لاءِ وٺي ڪمرشل استعمال ۾ آندي آهي. ڊاڪٽر فضل الله پيچوھو وڏي عرصي کان ٻاھرين ملڪ ۾ ترسيل آھي. ڊاڪٽرفضل الله پيچو ھو سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا جو مڙس آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو