فراڊ ۽ ٺڳي ۾ گهربل جوابدار پوليس هٿان گرفتار

ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) پوليس فراڊ ۽ ٺڳيءَ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار نادرعلي عرف سڌيرکوسو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري چڏيو آهي. پوليس موجب ڄاڻايل جوابدارخلاف فريادي ذوالفقار علي کوکر پاران ڏيتي ليتي ۾ لکين روپين جوڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو جنهن ۾ قلم 489-506/504 تحت کين گرفتارڪيو ويو آهي.  ٻئي طرف جوابدار نادرعلي عرف سڌيرکوسو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن سان ڪابه ٺڳي ناهي ڪئي فريادي ڌر مون کي ٽريڪٽر7 لک ۾ ڏنوجيڪي سندن مون ڏنا آهن وڌيڪ 5 لک مون کان هو وياج جا  گهري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل فريادي ڌر وياج جو ڪاروبارڪندا آهن جن وٽ مون ڪافي وقت گڏجي ڏيتي ليتي ڪرائي جڏهن ته وياجين جي ڏيتي ليتي ۾ مون پنهنجي ذاتي زمين جڳهه به کپائي ڪنگال ٿي ويو آهيان  پر پوءِ به منهنجي جان آجي ناهي ۽ وياج هلائيندڙ ڌريون با اثر ماڻهو جيڪي مون کي مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي وياج جا پئسه وصول ڪرڻ خاطر ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪن ٿا. هن چيو ته آئون ڪورٽ سڳوري ۾ اميد ٿو رکان ته هو ويا جن خلاف جوڳا قدم کڻندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو