اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي علي وزير کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.علي وزير کي فراڊ ڪيس ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.پوليس پاران علي وزير کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ شهزاد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ جاچ آفيسر محمد علي علي وزير جي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته علي وزير کان مليل رقم ۽ جمع ڪرايل رقم جي جاچ ڪئي وڃي، ان رقم سان ٺاهيل ملڪيت جي به جاچ ڪئي وڃي.ڊيوٽي مئجسٽريٽ چيو ته اڄ سرڪاري موڪل آهي ۽ مان ڊيوٽي جج طور مقرر آهيان، علي وزير خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ جي سيڪشن داخل آهي، پوليس علي وزير کي سڀاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري.
