فارمولي وارو کير ڊاڪٽر جي نسخي تي وڪرو ٿيندو، بل منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي پروٽيڪشن اينڊ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ ينگ چلڊرن نيوٽريشن بل منظور ڪري ورتو.پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومرو چيو ته نئين قانون موجب فارمولا کير رڳو فارميسي ۽ مقرر ڪيل دڪانن تي ملندو، جڏهن ته صوبي ۾ فارمولا کير رڳو ڊاڪٽر جي نسخي تي وڪرو ٿي سگهندو.پارلياماني سيڪريٽري صحت موجب فارمولا کير ڪمپنين جا نمائندا اسپتالن جو دورو نه ڪري سگهندا ۽ انفنيٽ فيڊنگ بورڊ ۾ فارمولا کير ڪمپنين جو ڪو به نمائندو نه هوندو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته 3 سالن تائين جي ٻارن لاءِ ماءُ جي کير جي متبادل شين جي مارڪيٽنگ ممڪن نه هوندي.سيڪريٽري صحت جو چوڻ هو ته ماءُ جي پياري جي قانون جو مقصد ٻارن کي غذائي کوٽ ۽ بيمارين کان بچائڻ آهي، اسيمبلي مان منظوري کانپوءِ بل ان جي دستخط لاءِ گورنر ڏانهن موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو