دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي جي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ قانونن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي.پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل آچر واري ڏينهن ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو پر آسٽريلوي موسميات کاتي آچر ۽ سومر واري ڏينهن ميلبورن ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ٽيم عالمي ڪپ جي فائنل کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ پلئينگ ڪنڊيشنز ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي ۽ ريزرو ڊي واري ڏينهن يعني سومر تي ميچ جو نتيجو نه اچڻ جي صورت ۾ راند جو واڌو وقت ٻن ڪلاڪن مان وڌائي چار ڪلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.آءِ سي سي جو چوڻ آهي فائنل آچر ڏينهن کي مڪمل ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين، برسات جي صورت ۾ ريزرو ڊي تي مقابلو سومر واري ڏينهن ٽئين وڳي شروع ڪيو ويندو.ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي موجب ڪنهن به ٽورنامينٽ جي ناڪ آئوٽ مرحلي واري ميچ ۾ هر سائيڊ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اورن جي راند ضروري آهي ۽ ميچ کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو فيصلو ميچ واري ڏينهن ڪيو ويندو.آءِ سي سي موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل مڪمل ڪرڻ لاءِ آچر واري ڏينهن کي فيصلا ڪيا ويندا ته ڇا ميچ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اورن جو انگ گهٽايو وڃي يا وري جيڪڏهن ميچ آچر واري ڏينهن ممڪن نه ٿي سگهي ته ميچ کي ٻئي ڏينهن جاري ڪيو وڃي.










