غير قانوني پرڏيهي ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث جوابدار گرفتار

غير قانوني پرڏيهي ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) ايف آءِ اي ڪراچي ۾ هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي غير قانوني پرڏيهي ڪرنسي جي واپار ۾ ملوث هڪ شڪي کي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان موجب، جوابدار جهانزيب کان 1.45 ارب ايراني ريال هٿ ڪيا ويا، جوابدار جي موبائل فون جي تجزيي مان غير قانوني ڪرنسي جي واپار جا ٺوس ثبوت سامهون آيا.
ايف آءِ اي ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي سي بي سي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، جوابدار خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو