غير رجسٽرد دوائن جو وڪرو،انتظاميون جون اکيون بند

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند)تعلقہ ٽنڊوغلام حيدر ۽ ڀرپاسي ۾ 50 کان وڌيڪ نقلي ٻج ۽ غيرمعياري زرعي دعوائن جا دڪان کليل ڪنهن به دڪاندار وٽ لائنسس نه هئڻ ۽ ڪيتريون ئي غير رجسٽرڊ زرعي دعوائن جون ڪمپنيون هلڻ سبب ٻهراڙين جا ننڍا وڏا آبادگار لٽجي رهيا آهن پر ايگريڪلچر کاتي جا مها ڪرپٽ آفيسر هر مهيني في دڪان تان منٿلي مقرر ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ آبادگارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مجبورين سبب لکين روپيا وياج ڀري دڪاندارن کان زرعي ٻج، ڀاڻ دوائون خريد ڪندا آهيون پر اثر بجاءِ ويتر فصلن کي نقصان ٿئي ٿو وونئڻ،ڪمند ۽ سارين جي فصل کي لڳندڙ مرض کان بچاءُ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون به بي اثر ٿي ويون آهن، جنهن سبب ڳرا خرچ ڪري تباھ ٿي ويا آهيون نقلي زرعي دوائن جي ملڻ کانپوءِ فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ڊي سي ٽنڊومحمدخان به اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آهن. آبادگارن پاران وس وارن ۽ ايگريڪلچر جي اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪندي چيو ڪرپٽ آفيسرن ۽ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري غريب هارين ۽ آبادگارن جا فصل بچايا وڃن.

***  فتح باغ سائين معصوم شاھ جي قديمي قبرستان تي بااثر ماڻھن پاران قبضو ڪرڻ جي ڪوشش اختياريون خاموش بڻيل جڏھن ته قبضا مافيا بااثر هجڻ سبب ڪاروائي کان آجا ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن امام الدين نوتڪاڻي،بچايو ملاح، نيڪ جمالي،حسين بهراڻي،محمد جمن قمبراڻي،نمرو هاليپوٽو، وڏيرو علي حسن اوٺو ۽ محمد علي ڀٽي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته بااثر قبضامافيا پاران سائين معصوم شاھ جي قديمي قبرستان جي چئني پاسن کان زمينون آباد ڪري قبرستان جو ڳچ حصو والارجي چڪو آھي قديمي قبرستان جنهن جي پکيڙ 35 ايڪڙن کان به وڌيڪ هئي اهو هن وقت باقي ڪجھ ايڪڙن جيترو وڃي بچيو آھي هن تاريخي قبرستان ۾ لڳايل پاڻي لاءِ نلڪا،بجلي جون تارون ۽ بيٺل وڻ پڻ ڪٽجي ويا آھن هن تاريخي قبرستان جي زمين تي ڪجھ بااثر ماڻھون قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا پر انتظاميا انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو