غوثپور ۾ باهه 3 گهر سڙي ويا، متاثرن جي مدد لاءِ اپيل

ڪنڌڪوٽ( ڊ ر) غوثپور شھر جي شيخ پاڙي۾ چلھ مان باھ جي چڻنگ اٿڻ سبب ميراڻي برادري جي ٽن گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي. جنھن سبب ممتاز۔عبدالخالق ۽ خالد ميراڻي  جا گھر مڪمل سڙي رک ٿي ويا۔ متاثرن ٻڌايو ته اوچتو باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ پيل ڪپڙا، ڏاج، سونا زيور، روڪ رقم، ھنڌ بسترن سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو. متاثرن دانھيو ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ ھڪ ڪلاڪ دير پھتي. هنن انتظاميا کي اپيل ڪئي ته سندن مدد ڪئي وڃي ۽ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، سخت گرمي ۾ سندن خاندان کلي آسمان هيٺان ويٺا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو