غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري نينگري جي ٻانهن ضايع

ڪوٽ لالو (باغ علي) ڳوٺ زوار محمد هاشم خاصخيلي ۾ 7 سالا معصومه ڌي ڦوٽو خان کي عطائي ڊاڪٽر  پاران غلط انجيڪشن هڻڻ ڪري نينگر جي ٻانهن ضايع ٿي وئي آهي. نينگر جي ماءَ مسمات  ڪوڙي  خاصخيلي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي عطائي ڊاڪٽر غلط انجيڪشن لڳائي هئي جنهن سبب ٻانهن ضايع ٿي وئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون. هنن  صحت واري وزير،آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين کي اپيل ڪندي چيو ته عطائي ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان جي نياڻي جو علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو