جانورن جي اغوا ٿيل ڊاڪٽر جي وارثن کان 30 لک ڀنگ طلب

غوثپور/پنوعاقل (عبدالنبي ملڪ /سنتوش ڪمار) جانورن جي اغوا ٿيل ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ميراڻي جي وارثن کان ڌاڙيلن 30 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. ڌاڙيلن سندس وارثن کي  فون ڪري چيو آهي ته ميراڻي بيمار آهي کيس جلدي ڇڏايو ۽ پئسن جو بدوبست ٿيڻ بعد فون تي اطلاع ڏيو ۽ وڌيڪ بعد ۾ اوهان کي ٻڌائينداسين ته پئسا ڪٿي ڏيڻا آهن. ٻئي پاسي پنو عاقل ۾ ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ  وٽنري ڊاڪٽرن ۽ پيرا ويٽ ضلعي سکر پاران پنوعاقل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هن ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اغوا ڪندڙن طرفان ميراڻي برادري جي چڳي مڙس ۽ رٽائرڊ ڊي آءِ سائين رکيو ميراڻي سان موبائيل فون تي رابطو ٿيو آهي ۽ مغوي جي بازيابي لاءِ  30 لک ڀنگ طلب ڪيو يو آهي، مغوي جي بازيابي لاءِ وٽنري ڊاڪٽرن ۽ پيرا ويٽ ضلعي سکر پاران ڊاڪٽر عبدالطيف ميراڻي، دوست محمد ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر عمران ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو تہ مغوي ڊاڪٽر غلام مصطفي’ ميراڻي کي اغوا ٿئي يارنهن ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي، ڊاڪٽرن چتاءُ ڏيندي چيو ته  مغوي وٽنري ڊاڪٽر غلام مصطفي’ ميراڻي کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو