رياض (ويب ڊيسڪ)پهرين محرم الحرام تي ڪعبي جو غلاف تبديل ڪيو ويندو.عرب ميڊيا موجب ان حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ 15 ماڻهن کي خاص تربيت ڏني وئي آهي.ان حوالي سان ڪعبي جي ڪارخاني جي انتظاميا ٻڌايو ته ڪعبي جي احاطي تي لکيل قرآني آيتن کي سون ۽ چاندي جي تارن سان ونڊيو ويو آهي.ڪعبي جي چادر جي تياري لاءِ 120 ڪلو گرام سون، 100 ڪلو چاندي ۽ 670 ڪلو ريشم استعمال ڪيو ويو آهي.عرب ميڊيا موجب ڪعبي جي غلاف جي تياري ۽ سلائي ۾ تربيت يافته ۽ اعليٰ مهارت رکندڙ ماڻهو حصو وٺندا آهن.ڪعبي جي نئين غلاف جو ڏيک پڻ تمام اعليٰ معيار تي ٺاهيو ويو آهي.
