غزه ۾ صحت جو نظام تباهه،بيماريون پکڙجڻ جو خدشو

غزه (ويب ڊيسڪ)ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) غزه ۾ بيمارين جي پکيڙ کي خبردار ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب غزه پٽي تي اسرائيلي جارحيت سبب فلسطينين ۾ بيماريون پکڙجڻ جو شديد خطرو آهي.ڊبليو ايڇ او موجب اسرائيلي بمباري صحت جو نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نه ئي پناهه لاءِ ڇت آهي ۽ نه ئي فلسطينين کي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين رسائي آهي، جنهن سبب مختلف بيمارين پکڙجڻ جو خطرو آهي، جن ۾ معدي جي تڪليف سميت مختلف بيماريون به شامل آهن.ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر جي وچ کان وٺي، دستن جا 33,551 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ اڪثريت 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ آهي.ڊبليو ايڇ او موجب 2021 ۽ 2022 دوران متاثر ٻارن جي تعداد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، هر مهيني اوسط 2,000 ڪيس آهن. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جي تمام گهٽ ترسيل ٿي آهي.ٻئي طرف گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ بنيادي سهولتون جهڙوڪ صحت، صفائي، صاف پاڻي ۽ کاڌو ميسر ناهي ۽ سڄو نظام تباهي جي ويجهو آهي.واضح رهي ته غزه تي اسرائيلي جارحيت کي 33 ڏينهن گذري ويا آهن، جنهن دوران 4 هزار 324 ٻارن سميت 10 هزار 569 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو