غزه ۾ اسرائيلي فوج جي مسجد تي بمباري، 50 ڄڻا شهيد

غزه ۾ اسرائيلي فوج جي مسجد تي بمباري، 50 ڄڻا شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فوج هڪ مسجد تي حملو ڪري 50 نمازين کي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ڪري ڇڏيا.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي جهازن غزه جي مرڪزي علائقي صبرا ۾ هڪ مسجد تي بمباري ڪئي جڏهن ته نماز ادا ٿي رهي هئي ۽ مسجد نمازين سان ڀريل هئي.صهيوني فورسز اردن جي هڪ فيلڊ اسپتال تي هوائي حملو ڪري 7 اهلڪار زخمي ڪري ڇڏيا، جڏهن ته اسرائيلي فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جي الشفا اسپتال ۾ داخل ٿي اسپتال جي ڏاکڻي دروازي جي بيسمينٽ سميت ڪجهه حصن کي تباهه ڪري ڇڏيو، مختلف حصن ۾ تلاشي دوران ڪو به يرغمالي هٿ نه آيو. ڪنهن به سرنگ جو نشان نه مليو.اسرائيلي فوج الشفا اسپتال مان حماس جا هٿيار ۽ يونيفارم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ڊاڪٽرن ۽ حماس طرفان اسرائيلي دعويٰ کي رد ڪيو ويو.الشفا اسپتال جي وڊيو، اسرائيلي فوج جي اڪائونٽ طرفان ناقابل ترديد ثبوت طور پوسٽ ڪئي وئي، حذف ڪئي وئي، ايڊٽ ڪيو ويو ۽ ٻيهر نشر ڪيو ويو، اسرائيلي دعوائن ۾ اضافو ڪيو.الجزيره موجب الشفا اسپتال جي رپورٽنگ ڪندڙ آمريڪي ٽي وي رپورٽر ۽ اسرائيلي دعوائن ۾ به تضاد سامهون آيو آهي، جڏهن ته قطر غزه جي اسپتالن تي حملن جي عالمي جاچ جو مطالبو ڪندي الشفا اسپتال جي اندر اسرائيل جي تازي ڪارروائي کي “جنگي جرم”.قرار ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو