غزه (ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيلي فوج جا وحشیانه حملا جاري آهن، اسرائيلي بمباري سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 215 فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي پناهگيرن جي اسڪول جو گهيرو ڪيو، شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 215 فلسطيني شهيد ٿي ويا. 7 آڪٽوبر کان وٺي فلسطيني شهيدن جو انگ 26 هزار 637 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 65 هزار 387 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل غزه ۾ رهائشي علائقن تي به بمباري ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت جو خدشو آهي.ٻئي پاسي اسرائيلي فوج پاران الامل اسپتال جو گهيرو اٺين ڏينهن به جاري آهي، اسپتال جي چوڌاري اسرائيلي فوج ۽ فلسطيني مزاحمتي ويڙهاڪن وچ ۾ سخت ويڙهه ٿي.ٻئي طرف ويسٽ بئنڪ ۾ به اسرائيلي فوج فائرنگ ڪئي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ سبب وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي کي گرفتار ڪيو ويو.ان کان علاوه، اسرائيل شام ۾ هڪ ايراني حمايت يافته مليشيا بيس تي هوائي حملو ڪيو، جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته حزب الله اتر اسرائيل ۾ اسرائيلي فوجي اڏن کي ٽينڪ مخالف ميزائل سان نشانو بڻايو.
سنڌيار ڪراچي 27 جولاءِ 2024ع
سنڌيار سکر 27 جولاءِ 2024ع
ياد مخلص ماڻھوءَ جي
ڌرڻي جي رستا روڪ، سوين ڪارڪن گرفتار، ٽن هنڌن تي ڌرڻو جاري
ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل
صدر ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪي پي ۾ ڪو به آپريشن نه ٿيندو، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين
حڪومت طرفان جماعت اسلامي کي ڳالهين جي آڇ
عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر
چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جو امڪان
پاڪستان لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري
عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ لسٽ جمع ڪرائي ڇڏي
ڌرڻي کان روڪيو ويو ته امن خراب ٿيندو: حافظ نعيم
اڊيالا جيل ۾ ويٺل قيدي جو مشن ڌرڻن ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي
اڪبر بگٽي خاندان ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا
سن ڀرسان حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
نوجوان ڦر دوران مزاحمت تي قتل
بنگلاديش سيريز، سينئر رانديگرن کي ڊارپ ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ کي سومر تي احتجاج جي اجازت، عدالت جو حڪم