غزه تي حملا جاري، شهيدن جو انگ 20 هزار 500 ٿي ويو

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، 24 ڪلاڪن دوران 200 هنڌن تي بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد ٿي ويا.مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فوج جي حملن سبب شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 20 هزار 500 تائين پهچي ويو آهي.خبرن جي ايجنسين موجب غزه ۾ القسام برگيڊز جباليا ۾ اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻايو.حماس جي حملي ۾ هڪ ميجر سميت ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجي ويا.رپورٽن مطابق اسرائيلي فوج هڪ ڏينهن ۾ 15 اسرائيلي فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو