غزه(ويب ڊيسڪ)سفارتي تماشو بڻجي ويو، اسرائيل شهرين تي حملا ڪرڻ کان نه روڪيو، غزه ۾ بمباري سبب وڌيڪ 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا.نيوز ايجنسين موجب اسرائيلي فوج نصر اسٽريٽ تي هڪ بيڪري جي سامهون گڏ ٿيل ماڻهن تي بم ڪيرايو.ريسڪيو اهلڪارن ۽ ايمبولينسز تي پڻ ميزائل حملا ڪيا ويا، جنهن سبب وڏي انگ ۾ مارجي ويا.مرڪزي غزا ۾ اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڀاتي شهيد ٿي ويا، فلوجه جي علائقي جباليه پناهگير ڪيمپ ۾ گهرن تي درجنين ميزائلن سان حملا ڪيا ويا.رپورٽن مطابق غزه ۾ شهيدن جو ڪل انگ 8 هزار 900 کان وڌي ويو آهي ۽ تباهه ٿيل گهرن جو انگ 2 لک 50 هزار تائين پهچي ويو آهي.ان کان علاوه القدس اسپتال جي علائقي تي به بمباري ڪئي وئي، جنهن ڪري فلسطين جي واحد ترڪي جي ڪينسر اسپتال کي بند ڪرڻو پيو.اسپتال جي بندش سبب 70 مريضن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، غزه جي ٻين 35 اسپتالن مان 16 به بند آهن.
