غريب عورت جو ٻارن سميت پوليس۽ بااثرن خلاف احتجاج

ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ) ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ محمد عثمان ميربُحر جي رھواسين جو بااثر ماڻھن پوليس جي مدد سان جيئڻ جنجال ڪري  ڇڏيو آهي ھڪ ڳوٺاڻي کي به پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي ڇڏيو، بااثر ماڻھن پاران سندن گھرن تي به چڙھائين جو سلسلو جاري، متاثر عورتن جون دانھون، انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ محمد عثمان ميربحر جي ڪيترن ئي رھواسي عورتن پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ ٺٽي ۾ بااثر ماڻھن ۽ ڇتوچنڊ پوليس جي زيادتين خلاف دانھيندي مسمات ڪريمان زال واحدڏنو ميربحر، نجمه  زال نياز احمد ملاح ۽ ٻين چيو ته ڪجھ وقت کان وٺي بااثر ماڻھن پوليس جي مدد سان سندن جيئڻ جنجال بنائي سندن ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪري کين بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، منع ڪرڻ تي بااثر ماڻھون سندن گھرن تي چڙھارون ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي ڪافي ڀيرا عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد مٿن ھٿن ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي سندن ھڪ ڳوٺاڻي نياز احمد ميربحر کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي وڌيڪ ڳوٺاڻن کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائڻ لاء پوليس ڳوٺن تي چڙھايون ڪري رھي آھي، جنھن ڪري ڳوٺ ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو، گھرن ۾ مردن جي غير موجودگي ۾ بااثر ماڻھون عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي ھيسائي خوفزدہ ڪن ٿا، پر پوليس سندن مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي جيڪا بااثر ماڻھن جي ڌر بڻيل آھي، کين بااثر ماڻھن مان جاني مالي نقصان جو خطرو آھي. ھنن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري کين بااثر ماڻھن ۽ پوليس جي زيادتين مان نجات ڏياري کين بيدخل ٿيڻ کان بچائي بااثر ماڻھن ۽ سندن ھمدردن توڙي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري گرفتار سندن ڳوٺاڻي نياز احمد ميربُحر کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو