اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل (ر) پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جو فيصلو روڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. وفاقي وزارت داخلا طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ اسلام آباد جي خصوصي عدالت کي 28 نومبر تي ڪيس جو ٻڌائڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪئي آهي. پنهنجي درخواست ۾ وزارت داخلا موقف اختيار ڪيو آهي ته سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف سان گڏ شريڪ ٻين ملزمن کي ٽرائل ۾ شامل ئي ناهي ڪيو ويو پراسڪيوشن ٽيم کي 23 آڪٽومبر تي ڊي نوٽيفائي ڪيو ويو پر 24 آڪٽومبر تي هن بغير اختيار ان ڪيس جي پيروي ڪندي لکت ۾ جواب داخل ڪيو. وزارت داخلا جي درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پراسڪيوشن ٽيم تحريري دليل به جمع ڪرايا جنهن جو ان کي اختيار ئي نه هيو خصوصي عدالت نئين پراسڪيوشن ٽيم نوٽيفائي ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ بغير ئي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ان کي ٻڌائڻ لاءِ 28 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي پراسڪيوشن ٽيم ۾ تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي. خصوصي عدالت جو فيصلو محفوظ ڪرڻ جو 19 نومبر جو حڪم نامون ڪالعدم قرار ڏنو وڃي عبوري رليف جي طور خصوصي عدالت جو فيصلو معطل ڪيو وڃي ۽ خصوصي عدالت کي حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ سومر تي ان ڪيس ۾ مشرف جي وڪيل خواجا طارق رحيم کي چيو ته اوهان ٻن نقطن تي دليل ڏيو ته هي پٽيشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جوڳي ڪيئن آهي. جڏهن مشرف اسلام آباد جو رهاڪو آهي ۽ هن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي ٿو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيئن ڪيس ٻڌي سگهي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي ڪاروائي بعد وفاقي گهرو کاتي جي سيڪريٽري اسلام آبد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. ياد رهي ته مشرف خلاف بغاوت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خصوصي عدالت 19 نومبر تي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو 28 نومبر تي ٻڌئڻ جو اعلان ڪيو هو. پرويز مشريف پنهنجي وڪيل ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به هڪ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خصوصي عدالت جو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيو وڃي. اڳوڻي حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ ن پرويز مشرف خلاف آئين سان غداري جو ڪيس نومبر 2013ع ۾ داخل ڪيو هو اهو ڪيس پرويز مشرف تي آرمي چيف جي حيثيت سان 3 نومبر 2007 تي ملڪ جو آئين معطل ڪري ايمرجنسي لڳائڻ خلاف داخل ڪيو ويو هو. ڪيس جون هن وقت 100 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن ان دوران 4 جج به تبديل ٿي چڪا عدالت ڪيترائي ڀيرا پرويز مشرف کي وقت ڏنو پر هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو.مارچ 2014 ۾ خصوصي عدالت طرفان اڳوڻي صدر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته سيپٽمبر ۾ پراسڪيوشن طرفان ثبوت فراهم ڪيا ويا پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد خصوصي عدالت پرويز مشرف خلاف وڌيڪ ٻڌڻي نه ڪري سگهي. جنهن کان پوءِ 2016 ۾ عدالت جي حڪم تي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو نڪرڻ بعد مشرف ملڪ مان ٻاهر هليو ويو. واضح رهي ته وفاقي گهرو کاتي جو وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه به پرويز مشرف جو قريبي دوست آهي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت مشرف کي بچائڻ چاهي ٿي.










