عيد کان اڳ عوام جي قرباني، پيٽرول 5.40 روپيا لٽر مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت قرباني جي عيد کان اڳ ئي عوام کي قرباني جو ٻڪرو ٺاهيندي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ قيمت ۾ 5 رپيا 40 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آھي جنهن بعد ملڪي تاريخ ۾ في لٽر پيٽرول جو اگهه 118.09 ٿي وئي آهي. اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت وڌڻ سبب 11.40 روپيا في لٽر واڌ جي سفارش ڪئي هئي ، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شھباز گل چيو آھي تھ ڊيزل جي قيمت ۾ 2.54 رپيا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آھي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ ھڪ رپيو 39 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آھي. هن چيو ته وزيراعظم عوام تي گهٽ بار وڌو آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 116.53 روپيا ٿي وئي آهي، گاسليٽ جو نئون ريت 87.14 روپيا، لائٽ ڊيزل جو 84.67 روپيا في لٽر ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو