اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.صدر طرفان سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي آهي پر قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين کي رعايت نه ملندي.ان سان گڏوگڏ زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين، مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين کي به رعايت نه ملندي. سزا ۾ گهٽتائي پرڏيهي ماڻهن، ايڪٽ 1946 ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022 تحت سزا يافته ڏوهارين لاءِ نه هوندي.
