عيد تي 2 نيون پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش

عيد تي 2 نيون پاڪستاني فلمون نمائش لاءِ پيش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ عيد جي موقعي تي ٻه نيون پاڪستاني فلمون رليز ڪيون ويون آهن، جن ۾ همايون سعيد ۽ ماهرا خان جي رومانوي مزاحيه فلم ’لو گرو‘ ۽ سونيا حسين ۽ فيصل قريشي جي هارر ڪاميڊي فلم ’ديمڪ‘ شامل آهن.
’لو گرو‘
’لو گرو‘ گذريل ٽن سالن ۾ رليز ٿيڻ واري پهرين ميگا بجيٽ ۽ ميگا ڪاسٽ فلم آهي، ان کان اڳ آخري ڀيرو ’دي ليجنڊ آف مولا جٽ‘ جهڙي وڏي فلم نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هئي. حالانڪه فلم جو ٽريلر ڪهاڻي کي مڪمل طور ظاهر نٿو ڪري، پر ان مان اندازو ٿئي ٿو ته همايون سعيد هڪ ٺرڪي عاشق جي ڪردار ۾ نظر ايندو، جيڪو پوءِ ماهرا خان جي والد (جاويد شيخ) کان مليل هڪ ذميداري بعد سچي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. فلم جي شوٽنگ لنڊن ۾ ڪئي وئي آهي، جتي ماهرا خان کي هڪ خوبصورت، بولڊ ۽ فنون لطيفه ۾ دلچسپي رکندڙ ڇوڪري جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته همايون سعيد کي هڪ اهڙي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي جيڪو مختلف ڇوڪرين کي پنهنجي عشق جي ڄار ۾ ڦاسائيندو آهي. فلم جي ڪهاڻي واسع چوڌري لکي آهي، جڏهن ته ان جي هدايتڪاري نديم بيگ ڪئي آهي، ۽ ان کي همايون سعيد سميت ٻين پروڊيوسرز تيار ڪيو آهي. ’لو گرو‘ کي اي آر وائي فلمز جي بينر هيٺ رليز ڪيو پيو وڃي، فلم ۾ رومانس سان گڏوگڏ پشتو ۽ پنجابي رنگ ۾ مزاح به شامل آهي، جيڪو ڏسندڙن لاءِ دلچسپي جو باعث بڻجندو.
’ديمڪ‘
هن فلم جي ميگا ڪاسٽ ۾ جاويد شيخ، ثمينه پيرزاده، بشريٰ انصاري، سونيا حسين، فيصل قريشي ۽ ثمن انصاري سميت ٻيا ناليوارا اداڪار شامل آهن، هدايتڪاري رافع راشدي ڪئي آهي، جڏهن ته سيد مراد علي فلم جو ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر آهي. فلم جي جاري ڪيل ٽريلر مان ڪهاڻي کي مڪمل طور سمجهڻ مشڪل آهي، پر اندازو ٿئي ٿو ته فلم ۾ ثمينه پيرزاده هڪ پيچيده ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪهاڻي فيصل قريشي، سندس زال سونيا حسين ۽ سندس ماءُ ثمينه پيرزاده جي چوڌاري ڦري ٿي.
بين الاقوامي فلمون
عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پاڪستاني فلمن سان گڏ ڪجهه بين الاقوامي فلمون به سينما گهرن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، جن ۾ ترڪي جي ’سِجّين 8‘ ۽ انڊونيشي فلم ’جن 3‘ شامل آهي. ياد رهي ته هن سال عيدالاضحيٰ تي سينما گهرن ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي، هي قدم مقامي سينما کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي. هڪ ڊگهي وقفي بعد پاڪستاني فلمون رليز ٿي رهيون آهن، ان ڪري ’لو گرو‘ ۽ ’ديمڪ‘ جي وچ ۾ باڪس آفيس تي سخت مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي، تنهن هوندي به شائقين ۽ فلمي تجزيه نگارن جي خيالن موجب ’لو گرو‘ آمدني جي لحاظ کان ’ديمڪ‘ کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿي ۽ همايون سعيد ۽ ماهرا خان جي فلم شايد نوان رڪارڊ قائم ڪري. ٻنهي فلمن جا پريميئرز هن هفتي ڪراچي ۾ منعقد ٿيا، پهرين ’ديمڪ‘ جو پريميئر ٿيو، جڏهن ته 5 جون جي رات ’لو گرو‘ جو شاندار پريميئر منعقد ڪيو ويو. همايون سعيد فلم جي پروموشن دوران ٻڌايو ته ’لو گرو‘ سندس اڄ تائين جي سڀ کان مهانگي فلم آهي، جنهن تي 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ لاڳت آئي آهي ۽ کيس اميد آهي ته فلم 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪندي. فلمي شائقين جي وڏي انگ ۾ انهن فلمن جي رليز تي جوش آهي ۽ سينما وڃي اهي فلمون ڏسڻ جو ارادو رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو