عون چوڌري ۽ نعمان لنگڙيال وفاقي ڪابينا جو حصو رهندا: ترين

لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي پيٽرن انچيف جهانگير ترين، عون چوڌري نعمان لنگڙيال جي سياسي مستقبل جي حوالي سان اهم اعلان ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ جهانگير ترين چيو ته عون چوڌري ۽ نعمان لنگڙيال حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تائين وفاقي ڪابينا جو حصو رهندا. هن چيو ته اسان جي جماعت ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، تنهن ڪري حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ تائين عون چوڌري ۽ نعمان لنگڙيال وفاقي حڪومت جو حصو رهندا. هوڏانهن وزيراعظم جي صلاحڪار عون چوڌري به ڪابينا مان استعيفيٰ جي خبرن جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم جي ٽيم جو حصو آهيان ۽ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تائين رهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو