عورت هٿان چاهيندڙ کي ڪٽڪو، روڪ رقم ۽ موبائل ڦر

خانپورمهر(آفتاب سيال) نوجوان امان الله ميراڻي کي گهوٽڪي جي رهواسڻ هڪ عورت سبحانه شيخ فون تي خانپور مهر پهتو ته عورت ۽ سندس ٻن ساٿين نوجوان کي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏئي رسن سان ٻڌي بچاءُ بند وٽ اڇلائي فرار ٿي وئي. رستي ويندڙن اهڙي حالت ۾ ڏسي رسن کان آجو ڪري خانپورمهر ٿاڻي تي پهچايو جتي تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان امان الله ميراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته آئون گهوٽڪي جو رهواسي آهيان ۽ مون سان گهوٽڪي واسڻ عورت سبحانه شيخ جو موبائل تي رابطو ڪجھ عرصي کان هلندڙ هيو اڄ هن مونک ي چيو ته تون خانپورمهر اچ جنهن تي آئون هتي آيس ته باءِ پاس بچاءُ بند وٽ سبحانه شيخ ۽ ساڻس گڏ ٻه همراھ جن وٽ پسٽل هئا انهن مون مٿان تشدد ڪيو ۽ منهنجي جيب مان روڪ رقم 10 هزار ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد مون کي رسن سان ٻڌي اڇلائي ويا آهن. هوڏانهن ذريعن ٻڌايو آهي ته نوجوان امان الله ميراڻي ڄاڻايل عورت کي موبائل تي تنگ ڪندو هيو جنهن تي عورت کيس هتي گهرايو ۽ پنهنجي چاهيندڙ سان گڏجي نوجوان کي ڪٽڪو ڏنو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو