عورت ايم اين اي کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس جو نئون رخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي عائشه رجب علي چيو آهي ته طلال چوڌري واري وقعي سان سندس ڪو تعلق ناهي ۽ سندس نالو نه جوڙيو وڃي. اهڙو بيان هن ٽوئٽر تي جاري ڪيو آهي. هن چيو آهي ته هوءَ هڪ عذتدار گهراڻي جي عورت آهي، مان ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ آهيان، منهنجو نالو جوڙي عورتن جي تذليل نه ڪريو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فيصل آباد ۾ رات پوڻين ٽين وڳي طلال چوڌري ڊرائيور سان گڏ گيٽيڊ ڪالوني ۾ داخل ٿيو ته گارڊ کيس روڪيو ۽ چيو ته جنهن گهر وڃڻ چاهين ٿو انهن سان ڳالهرايو، هو نه مڙيو ۽ پنهنجي پارٽي جي ايم اين اي عائشه رجب جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ڀائرن روڪيو ۽ ٺڪائي ڪئي. جنهن ۾ سندس ٻانهن ڀڄي پئي. ٻنهي ڌرين پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ طلال چوڌري چيو ته کيس تنظيم سازي لاءِ گهرائي مٿس حملو ڪيو ويو آهي. هر ڪو  اهو سوال ٿو اٿاري ته رات جو پوڻين ٽين وڳي ڪهڙي تنظيم سازي؟

Photo Twitter

پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته طلال عورت ايم اين اي کي حراسان ڪري پيو. طلال چوڌري جيڪو نجي اسپتال ۾ داخل هو، رات رهڻ بعد بل ادا ڪرڻ بنا هليو ويو. پوليس جڏهن سندس بيان وٺڻ پهتي ته هو نڪري چڪو هو. عورتن جي حقن جي تنظيمن طلال چوڌري جي رڪنيت ختم ڪرڻ ۽ پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مريم نواز خاموش آهي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو