عورتن کي ڪرڪيٽ سميت راندين جي اجازت نه هوندي،، طالبان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ثقافتي ڪميشن واري نائب سربراهه احمد الله واثق چيو آهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ سوڌو ڪنهن به اهڙِي رانڊ جي اجازت نه ڏينداسين جنهن ۾ سندن جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي. آسٽريلوي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان اڳواڻ چيو ته عورتن جو راندين ۾ حصو وٺڻ مناسب آهي ۽ نه ئي وري ضروري آهي، مخالفن جي رد عمل سبب اسلامي اقدار پائمال نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته هي ميڊيا جو دور آهي ۽ سمورا ماڻهو وڊيوز ۽ تصويرون ڏسندا آهن، امارات اسلامي افغانستان عورتن کي ڪنهن به اهڙي راند جي اجازت نه ڏيندو جنهن سان عورتن جو جسم ظاهر ٿئي. هن چيو ته هي في الحال عبوري حڪومت آهي، ٻئي مرحلي ۾ عورتن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو. واضح رهي ته طالبان ٻه ڏينهن اڳ افغانستان جي عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾  ڪا به عورت شامل نه هئي، جنهن تي امريڪا ۽  يورپي يونين ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو