عورتن جي بهتر سفر لاءِ پنڪ بس سروس جو افتتاح

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ عورتن جي محفوظ ۽ بهتر سفر لاءِ پيپلز پنڪ بس سروس جو افتتاح ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ ماڊل ٽائون کان ٽاور تائين هي بس هلندي. 8 بسون هن روٽ تي هلنديون، هر بس ۾ 24 سيٽون آهن، 2 سيٽون معذور ماڻهن لاءِ مخصوص آهن پر هڪ وقت ۾ 50 عورتون سفر ڪري سگهنديون. افتتاحي تقريب کي خطاب شرجيل ميمڻ چيو ته عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته اسان کي سڀ کان وڌيڪ مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي خودمختيار بڻائڻو آهي، ڪوشش آهي ته سنڌ جي هر شهر ۾ عورتن لاءِ بسون هلايون. صوبائي وزير چيو ته سمورن بسن ۾ عورتن لاءِ الڳ سيٽون هونديون آهن پر هي بس ئي عورتن لاءِ آهي. ان موقعي تي شرميلا فاروقي چيو ته پيپلز پارٽي وومن بئنڪ سميت ڪيترائي اپاءُ ورتا ۽ هاڻي هي بس سروس شروع ڪئي آهي. سعيد غني چيو ته هي بسون عوام جي ملڪيت آهن، عوام انهن جي حفاظت ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو