عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاج

ڳڙهي ياسين( ن س) ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ شر برادري جي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن جو پاڪ ڪتاب کڻي مدئجي پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ بعد مينهل شر، مسمات حسينہ، مسمات نور خاتون، مسمات زرينه شر ۽ ٻين چيو ته اسان جو ديدار شر واري ڌر سان سڱاوتي تڪرار تي جهيڙو هلندڙ آهي هڪ هفتو اڳ ديدار شر واري ڌر جا هٿياربند اسان مٿان حملو ڪري آيا ته فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ديدار شر جي ڌر جو سراج شر زخمي ٿي پيو جنهن بعد ٿاڻي ڳڙهي ياسين جي پوليس اسان جي ڳوٺ مٿان چڙهائي ڪري ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار حبيب الله شر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ڊي ايس پي مدئجي ذوالفقار پٺاڻ اسان جي مخالفن کان ڳري رشوت وٺي پوليس اٽالا ساڻ ڪري اسان جي ڳوٺ مٿان بنا جواز چڙهائي ڪرڻ بعد گهرن ٻاهران زمين ۾ مال چاريندڙ معصوم ٻارن تي تشدد ڪري 20 ڍور ڪاهي ويو.اسان عورتن پاران ڊي ايس پي ذوالفقار پٺاڻ ڏي ڍور واپس ڪرڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي وڃڻ باوجود اسان جا 5 ڍور گم ڪري باقي 15 ڍور چالان ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته ڊي ايس پي مدئجي ذوالفقار پٺاڻ ڍورن تان هٿ نه کڻڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جا داٻا ڏئي رهيو آهي. اسان غريب ۽مسڪين ماڻهو آهيون اسان جو گذر سفر مال تي آهي پوليس پاران غائب ڪيل باقي 5 ڍور واپس ڪرائي ڏنا وڃن. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو،ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته ڪنهن ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي ڊي ايس پي پاران غائب ڪيل 5 ڍور واپس ڪرائي داخل ٿيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو