عوام کي پنهنجي حڪمران جي چونڊ ۾ آزاد ڇڏيو وڃي

شڪارپور (ن س ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي صدر مولانا راشد محمود سومري چيو آهي ته پاريامينٽ ۾ ڪير مان يا مخالف؟ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. شڪارپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد محمود سومري چيو ته عوام کي آزاد ڇڏيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي حڪمران جي چونڊ ڪري سگهن، ميڊيٽ چورايو ويو ته عوام جو نظام تان اعتماد کڄي ويندو. هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي 100 سيڪڙو ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، مون کي پارليامينٽ ۾ موڪليو يا منهنجي مخالفن کي، ان جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو