ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڄ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي حالتن تي عوام پريشان آهي پر قيادت پريشان ناهي.ڪراچي ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي بحث ٿيو، جنهن ۾ مختلف ڪاروباري ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل حاضرين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳ چونڊون اسان جا مسئلا حل ڪنديون هيون، پر هاڻي اختلاف ان حد تائين وڌي ويا آهن جو چونڊن سان اسان جا مسئلا حل ٿيندي نظر نه ٿا اچن.هن چيو ته ملڪي قيادت کي عوامي مسئلن سان ڪابه پرواهه ناهي، موجوده صورتحال ۾ چونڊن سان به حالتون بهتر ٿيندي نظر نه ٿيون اچن، اڄ ملڪ ۾ بي مثال مهانگائي آهي، عدالتن جا ڪجهه فيصلا ملڪ جي معاشي حالتن تي به اثرانداز ٿين ٿا، مثال طور ريڪوڊڪ ڪيس ۾ ملڪ کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو.شاهد خاقان چيو ته هن وقت نيب ڪرپٽ ترين ادارو آهي، نيب جي ڪري ملڪ کي جيترو نقصان ٿيو آهي اهو ڪنهن ٻئي اداري نه پهتو آهي.ان موقعي تي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اڄ ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي، ٻهراڙين ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 50 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ 47 سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو ماڻهن جي آمدني آهي. 35 هزار رپين کان وڌيڪ ناهي، هاڻي صورتحال اها آهي ته وچولي طبقي کي به پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.هن چيو ته هاڻي سعودي عرب کان ٻه ارب ڊالر ۽ ڪنهن کان وڌيڪ پئسا وٺڻ سان ڪم نه ٿيندو، هاڻي اسان کي قوم بڻجي سوچڻو پوندو، اهڙي قسم جا مسئلا حل نه ٿيندا.










