عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ سڪي رهيو آهي: نواز شريف

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيرِ اعظم نواز شريف چيو آهي ته مُلڪ جي اهڙي حالت ڪئي وئي آهي جو عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ سڪي رهيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف چيو ته 2017ع ۾ ترقي ڪندڙ پاڪستان کي جبر ۽ ناانصافي جي فيصلن 2022ع تائين اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جو عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ سڪي رهيو آهي، ٻيهر موقعو مليو ته 2017 کان به بهتر پاڪستان ٺاهينداسين. اڳوڻي وزيرِ اعظم وڌيڪ چيو ته ڪوڙن ڪيسن، سزائن، نااهلين ۽ هر قسم جي ظلم کي مون ۽ منهنجي ساٿين ته صبر سان برداشت ڪري ورتو پر نا انصافي تي ٻڌل فيصلن جي سزا پاڪستان ڀوڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو