عوام لاءِ مڪمل طور بي لاڀ بڻيل رورل هيلٿ سينٽر

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) 1974ع کان قائم ٿيل رورل هيلٿ سينٽر ڳڙهي ياسين ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سبب اسپتال علاج لاءِ ايندڙ مريض پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي ايڪسري نه ٿيڻ، ڇتي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين نه ملڻ، گائني ڊاڪٽر،ٻارن جي ڊاڪٽر نه هئڻ ۽ اسپتال ۾ ايندڙ دوائون نه ملڻ، ڊاڪٽرن جو اسپتال ۾ موجود نه هجڻ سميت ڪيتريون ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسپتال ۾ ايندڙ اڪثر مريضن جو چوڻ آهي ته اسان جڏهن به ايڪسري ڪرائڻ آيا آهيون ته اڪثر ايڪسري فلم نه هجڻ جو چئي واپس ڪيو پيو وڃي. هتي  ٽيسٽن جي سهولت به موجود نه  آهي جنهن ڪري اسان تمام پري پري جي ڳوٺن مان اچي خالي ڌڪا جهلي واپس هليا ويندا آهيون.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي  بازار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر مولابخش جيهو چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسپيڪر آغا سراج دراني جي شهر ڳڙهي ياسين ۾ رورل هيلٿ سينٽر 45 ورهين بعد به تعلقي اسپتال جو درجو نه ماڻي سگهيو آهي جنهن سبب اسپتال ۾ ڪا به سهولت موجود نه آهي اسان  وس وارن کي گذارش ٿا ڪريون ته پنهنجون ڪوششون وٺي رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقه اسپتال جو درجو ڏيارو وڃي ته جيئن غريب ۽ بي سهارا ماڻهون وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهن. سٽيزن فورم اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد محمد علي شاه سنڌيار کي ٻڌايو ته ڳڙهي ياسين جي اسپتال منهنجي خيال ۾ ڪنهن ڪم جي نه آهي ڇو ته هتي مريضن کي صحيح دوائون نه ٿيون ملن پوسٽ مارٽم لاءِ ايندڙ لاش ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسپتال پيل رهن ٿا ڊاڪٽر پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪن تي مصروف آهن. ڪڏهن عورت جو پوسٽ مارٽم ميل ڊاڪٽر ڪري ٿو ته ڪڏهن وري مرد جو پوسٽ مارٽم ليڊي ڊاڪٽر ڪري ٿي ڪڏهن ته سوئيپرن کي به پوسٽ مارٽم ڪندي ڏٺو ويو آهي ان جا ذميوار  چونڊيل نمائندا آهن. هن چيو ته ٽراما سينٽر جي خالي بلڊنگ ڪيترن سالن کان اسٽاف جي انتظار ۾ خالي پئي آھي لکين روپين جي ماليت جي ايمبولينس 5 سالن کان ناڪاره بڻيل آھي خدارا انهن مسئلن ڏانهن توجهه ڏنو وڃي. انچارج ايم ايس ڳڙهي ياسين اسپتال ڊاڪٽر تصور ميمڻ سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ 3 شفٽون مقرر ٿيل آهن پر اسٽاف تمام گهٽ آهي جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر يا ٻئي اسٽاف جي نه هجڻ جو شڪايتون ٿينديون رهن ٿيون هن چيو ته هر روز 300 يا ان کان به وڌيڪ اوپي ڊي هلي ٿي جڏهن ته ايتري اوپي ڊي باوجود 20 بيڊن تي مشتمل هن اسپتال ۾  صرف 11 ميل،1 فيميل ڊاڪٽر، 2 نائب قاصد،3 ڊسپينسر اسٽاف طور مقرر آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان وٽ 2 فيميل ڊاڪٽر،2 نائب قاصد، 2 ڊسپينسر جون پوسٽون پڻ ڪيتري وقت کان خالي پيل آهن. هن انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته اسان جي اسپتال جا 8 بااثر ملازم پڻ سفارش تي ٻئي هنڌ ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن جيڪي پگهار اسان وٽان کڻي رهيا آهن. اسان جي اسپتال مٿي ڪاغذن ۾ تعلقه اسپتال طور هلي رهي آهي رڳو فنانس کي فائل موڪلڻ لاءِ ڳري رشوت گهري وڃي پئي جيڪا اسان جي وس جي ڳالهه ناهي جنهن سبب تعلقي اسپتال جو درجو نٿو ملي. هن وڌيڪ چيو ته مون توڙي مونکان اڳ آيل ايم ايس ڪيترائي ڀيرا رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقه اسپتال جو درجو ڏيارڻ لاءِ لکي چڪا آهيون پر خبر ناهي ڪهڙي سبب اسان جي اسپتال تعلقه اسپتال جو درجو نٿي ماڻي سگهي.

شهري رورل هيلٿ سينٽر بابت سنڌيار سان ويچار ونڊيندي

هن وڌيڪ چيو ته ڪافي ڀيرا اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني کي پڻ رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقه اسپتال جو درجو ڏيارڻ لاءِ عرض ڪري چڪا آهيون پر خبر ناهي ته سندن دلچسپي ڇو نه آهي؟. هن چيو ته هن وقت به اسپتال ۾ الٽرا سائونڊ،ايڪسري مشين،ليبارٽري، ڊينٽل سرجن، ويڪسينيٽر،اي آر آءِ ٽيسٽ، ساه جي بيماري، ٻارن جي بيمارين، ليڊيز جي بيمارين جي سهولت موجود آهي جڏهن ته ايڪسيڊنٽ سميت آيل تمام ايمرجنسي ۾ مريضن  جو علاج  ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اسان جي اسپتال ۾ 17 گريڊ جي ڪيولٽي انچارج، گائنا ڪالاجسٽ،ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر، نشي واري ڊاڪٽر،آرٿوپيٿڪ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي جن کي مقرر ڪري سندن کوٽ پوري ڪئي وڃي ته شڪايتون ختم ٿي وينديون. هن چيو ته اسپتال جي اڳئين ۽ پٺين پاسي کان اسٽاف لاءِ ٺهيل ڪواٽرن ۽ بنگلن تي مختلف برادرين جي ماڻهن جا قبضا ٿيل آهن ۽ ڪجهه يونين ڪائونسلن جون آفيسون قائم ڪيون ويون آھن ڪواٽرن ۾ ويٺل سمورا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سياسي ۽ بااثر ڌر سان لاڳاپيل آهن هنن کي ڪيترا ئي ڀيرا ڪواٽر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڪرايو آهي پر هو بااثر هئڻ سبب اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن. اسپتال جي ايمبولينس متعلق هن جو چوڻ هو ته شهرين ۽ سماجي اڳواڻن جي شڪايت جائز آھي 50 لکن کان وڌيڪ ماليت جي وڏي مرسڊيز اينمبولينس پڻ 5 سالن کان هڪ لک خرچ جي ڪري خراب بيٺل آهي جنهن کي ٺهرائڻ جي سخت ضرورت آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو