عوام احتياط ڪري، حڪومتي اپائن تي عمل ڪري، لاکاڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سربراهه بيت المال سنڌ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته  ڪورونا وائرس تمام گهڻو خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي. عوام احتياطي تدابيرن جو خاص خيال رکي. حالتن کي قابو ڪرڻ لاءِ عوام حڪومت جو ساٿ ڏي پنهنجو ۽ پنهنجي پيارن جو خيال رکيو وڃي. هن ڀلاري مهيني ۾ ڪورونا کان نجات لاءِ خصوصي دعائون گهريون وڃن الله پاڪ هن ڀلاري مهيني جي صدقي ۾ دعا جلدي ٻڌندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان فوج کي طلب ڪري دانشمنداڻو فيصلو ڪيو آهي. عوام جي ڀلائي کان مٿي ڪجهه به ناهي. رمضان جي مهيني ۾ سرندي وارو ماڻهو غريب عوام جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن. قومون هميشه ٻڌي سان مضبوط هونديون آهن اسان سڀني کي پنهنجي ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان عوام جي ڀلائي لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ڪورونا جي ٻئي لهر ۾ به عوام حڪومت جو ساٿ ڏنو هن لهر ۾ عوام سنجيدگي جو مظاهرو ڪري. حنيد لاکاڻي چيو ته ڪورونا ۾ غريب عوام سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جنهن جي لاءِ اسان فڪرمند آهيون. حسين لاکاڻي ٽرسٽ طرفان پوري رمضان ۾ ڪراچي جي مختلف هنڌن تي افطاري ڪئمپ لڳائي ويندي آهي جيئن غريب ماڻهو روزو کولي سگهن. آئون سرندي وارن کي اپيل ڪندس ته اهي هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيئن غريبن لاءِ آساني پيدا ٿيئي. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو ته هر مذهبي ڏڻ تي پنهنجي پاڙيسري غريبن جو خاص خيال رکيو وڃي جيئن هو احساسي محرمي مان نڪري سگهن غريبن جي دعا رب پاڪ جلدي ٻڌندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو