عوامي مسئلن جي حل ۾ لاپرواهي برداشت نه ڪبي، شيرازي

ٺٽو ( رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ ) صوبائي وزير سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ سيد اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاهه شيرازي  ڊي سي ٺٽو محمد عثمان تنوير سان ڊي سي آفيس مڪلي ۾ ملاقات ڪري کيس عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ھدايت ڪرڻ بعد ڊي سي آفيس مڪلي جي احاطي ۾ ماڻھن جا مسئلا ٻڌي موقعي تي حل ڪرڻ سميت مختلف آفيسرن تي زور ڀريو ته ھو به ماڻھن جا مسئلا ترت حل ڪري کين پريشاني کان بچائين. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي صوبائي وزير سيد اعجاز علي شاھ شيرازي چيو ته عوام جي خدمت ڪري ھن منزل تي پھتا آھيون، ھن چيو ته پ پ پ عوامي پارٽي آھي، جيڪا عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف آھي. ھن چيو ته سمورن عملدارن کي گھرجي ته عوام جا جائز مسئلا بنا دير جي حل ڪري کين پريشاني کان بچائين، ھاڻي ڪنھن به عملدار جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اسسٽنٽ مختيارڪار عبدالعزيز ميمڻ، عبدالغني قريشي، عبدالجبار شيخ سميت وڏي تعداد ۾ شھري موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو