عوامي مسئلن جي حل لاءِ نويد قمر جي کلي ڪچهري

ٽنڊو غلام حيدر (ميرحسن رند) ڳوٺ پير بخش چانگ ۾  ايم اين اي سيد نويد قمر ۽ ضلعي صدر ايم پي اي سيد اعجاز شاھ بخاري کلي ڪھچري  لڳائي ماڻهن جا مسئلا ٻڌا. هنن موقعي تي موجود مختلف کاتن جي اهلڪارن کي اسڪولن ۽ اسپتالن جي حالت بهتر بنائڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل بابت هدايتون به ڏنيون. ڪچهري کي خطاب ڪندي هنن چيو ته تعلقه ٽنڊو غلام حيدر تمام پسمانده   علائقو آھي پر ھتي جي عوام اسان کي انتھائي عزيز آھي جنهن سبب  ترقياتي ڪمن ۾ ٽنڊوغلام حيدر تعلقي کي آئنده لاء تمام بهترين رليف ڏنو ويندو.  ان موقعي تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ايس ايس پي  عابد علي بلوچ ڊي سي ٽنڊومحمدخان ياسر ڀٽي رئيس پير بخش خان چانگ تعلقه اسسٽنٽ ڪمشنراختر علي شيخ ۽ تعلقه ٽنڊو غلام حيدر جي مختيارڪار عبدالڪريم خاصخيلي  اسد خان چانگ محبوب خان چانگ حاجي عبدالڪريم لاشاري  حاجي ڀوروخان چانگ عالم خان نوتڪاڻي طارق مگسي  ۽ ٽنڊو غلام حيدر سميت پسگردائي توڙي آس پاس وارن علائقن مان آيل عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان کان علاواه ايم اين اي سائين نويد قمر پاران ڪافي ڳوٺن ۾ عذر خواهيون پڻ ڪيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو