ڪابل هوائي اڏي تي افراتفري، جهاز ۾ چنبڙي ڪرڻ سبب 3 فوت

ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج ڪابل جي انٽرنيشنل هوائي اڏي جي ايئر ڪنٽرول جو انتظام سنڀالي ورتو، اڪثر ڪمرشل فلائيٽس معطل، هزارين ماڻهن جو سمنڊ هوائي اڏي پهچي ويو.

افغان شهري زوري رن وي تي پهچي ويا ۽ امريڪي جهازن ۾ زوري داخل ٿيڻ تي آمريڪي فوج جي فائرنگ ۾ 5 ٺڻا مارجڻ جو اطلاع آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب3 ماڻهو امريڪي اڏاميل جهاز ۾ چنبڙي پيا جيڪي جهاز جي اونچائي وڃڻ بعد هيٺ ڪري فوت ٿيا.

. آمريڪي ۽ يورپي سفارتڪارن ۽ شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ لاءِ رات ڏينهن اڏامون جاري آهن. طالبان پاران ڪنهن کان به انتقام نه وٺڻ جي اعلان باوجود سرندي وارا ماڻهو ملڪ ڇڏڻ لاءِ بيتاب آهن.

هوائي اڏي تي کاڌي پيٽي جي سين جي کوٽ ٿي وئي آهي. ڪيترائي عام افغان شهري جڏهن زوري آمريڪي فوجي هوائي جهاز ۾ چڙهڻ لڳا ته آمريڪي فو هوائي فائرنگ ڪري کين پوئتي هٽايو. گڏيل قومن هنگامي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان به قومي سلامتي جوا جلاس گهراقئي ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو