عمران کانپوءِ بلاول جو خانڳڙهه ۾ جلسو، علائقي جي ترقي لاءِ چپ

خانڳڙهه/ خانپورمهر (نمائندن وٽان) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري هڪ دفعو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪمرانن 18 هين ترميم ختم ڪري ون يونٽ جهڙو نظام آندو ته دمادم مست قلندر ٿيندو. اهڙو اظهارهن خانڳڙهه ۾ پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. پ پ چيئرمين ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪوئيٽا ۾ ايڏو وڏو سانحو ٿيو ۽ اسان جو وزيراعظم اڃا تائين ڪوئيٽا ناهي پهتو، بلاول چيو ته ايتري مهانگائي ڪئي وئي آهي جو ماڻهو هڪ ويلي جي ماني کان سڪي ويا آهن. هن چيو ته مهانگائي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪمرن نااهلن جو ٽولو آهي، اهي ملڪ سنڀالي نه ٿا سگهن، جيڪو ڊالر 100 رپيا هو. اهو اڄ 142 رپين جو ٿي ويو آهي. بلاول وڌيڪ چيو ته عمران خان چوندو هو ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو پر قرض نه وٺندو ۽ آءِ ايم ايف وٽ نه ويندو پر هاڻي ساڳيو ڪم پيو ڪري. هن چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ڪيو هو، اڄ نوجوان بيروزگاري سبب روئي رهيا آهن، انهن 50 لک گهر ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو پر اقتدار ۾ اچي حد دخلين جي نالي تي ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ايمنسٽي اسڪيم ٽيڪس ادا ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي، بلاول تنقيد ڪندي وزيراعظم کان سوال ڪندي پڇو ته ايمنسٽي اسڪيم سان اوهان ڪنهن جو ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ چاهيو ٿا، پنهنجو، جهانگير ترين جو يا عليمه باجي جو؟ هن چيو ته وفاق سنڌ جي 134 ارب رپين تي ڌاڙو هنيو آهي. بلاول وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون ٿيندو ڪير آهين؟ سنڌ کي تنهنجي ضرورت ناهي، سنڌ جو نمڪ کائي چوين ٿو ته توکي سنڌ جي ضرورت ناهي؟ پ پ چيئرمين چيو ته اهڙو احتساب هجي، جنهن مان انتقام جي بوءِ نه اچي، پر پشاور جي، بي ٽي آر منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي نيب ڇو خاموش آهي؟ بلاول چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي نيب سڏائي ٿو وٺي پر خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي نوٽيس نه ٿو اماڻيو وڃي، عليمه باجي کان سندس ملڪيتن بابت ڪير پڇڻ وارو ناهي، بلاول چيو ته اها نيب گردي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ بلاول وزيراعظم عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ مٿس تنقيد ڪندي چيو ته ٻڌو ڪٺ پتلي! اوهان جي معاشي پاليسين سبب وفاق جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي، اوهان جون معاشي، سياسي ۽ پرڏيهي پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. واضح رهي ته گهوٽڪي جي مهر برادري پهريون ڀيرو اختلافن جو شڪار آهي. سردار محمد بخش خان مهر ۽ راجه خان مهر جيڪو علي گوهر ۽ علي محمد خان جو ننڍو ڀاءُ آهي، ٻئي گڏ آهن ۽ پ پ ۾ آهن. جڏهن ته علي گوهر ۽ علي محمد خان تحريڪ انصاف ۾ آهن. علي گوهر خان 30 مارچ تي عمران خان جو جلسو ڪرايو هو ۽ 12 اپريل تي سردار محمد بخش خان ۽ راجه مهر بلاول جو جلسو ڪرايو. علي گوهر جو جلسو چار ديواري اندر هو ۽ محمد بخش خان جو جلسو عوامي هو. وزيراعظم ۽ بلاول مان ڪنهن به علائقي جي بهتري لاءِ ڪوئي پيڪيج نه ڏنو. ٻنهي جلسن ۾ تقريبن ساڳيا ماڻهون شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو