عمران ملڪي تاريخ جو وڏو معاشِي ڏوهاري آهي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان معاشي بربادي جون داستانون ڇڏي شوڪت عزيز ۽ پرويز مشرف جيان ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي معاشي ڏوهاري قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هو ملڪ کي معاشي تباهي طرف کڻي وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن عمران  خان کي نه روڪيو ويو ته هو گهر گهر معاشي بدحالي جي اهڙي باهه لڳائي ڇڏيندو جنهن کي ڏهاڪن تائين نه وسائي سگهبو.بلاول ڀٽو چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪابينه سخت شرطن تي قرص وصول ڪري ڪرپشن ۾ ملڪي ناڻي جو پئسو اڏائي رهي آهي. عمران خان معاشي بربادي جون داستانون ڇڏي شوڪت عزيز ۽ مشرف جيان ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو. کيس پنهنجي معاشي ڏوهه تي هڪ هڪ عام ماڻهو کان معافي گهرڻي پوندي.پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جو ڏوهه صرف مهانگائي ڪرڻ نه پر مهانگائي ڪندڙ مافيا جي سرپرستي ڪرڻ به آهي. ٻين مٿان الزام لڳائيندڙ عمران خان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسي پاڪستان جي عوام ان جي معاشي ڏوهه تي کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو