ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ معروف اداڪار عمران عباس ٽاڪ شوز ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب بيان ڪندي ساٿي فنڪارن کي به درخواست ڪئي ته اهي ٽاڪ شوز جو بائيڪاٽ ڪن ۽ انهن جي حوصلا شڪني ڪن.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪندي اداڪار عمران عباس مختلف پوڊ ڪاسٽ ۽ ٽاڪ شوز ۽ انهن جي ميزبانن کي تڪراري سوال پڇڻ ۽ پروگرام جي مهمانن سان بدتميزي ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.هن مخصوص پوڊ ڪاسٽن ۽ ٽاڪ شوز جو نالو وٺڻ کان سواءِ انهن جي ميزبانن ۽ تخليقڪارن کان پڇيو ته جيڪڏهن اسان جي سماج ۾ انهن پروگرامن ۾ بحث ڪرڻ لاءِ ڪو اهم مسئلو يا ڪو تخليقي موضوع رهجي ويو آهي ته اسان اهڙيون غير منطقي گفتگو ڪرڻ چاهيون ٿا، هن ٽاڪ شوز ۾ ٿيندڙ غير معياري گفتگو تي تنقيد ڪندي ساٿي فنڪارن کي گذارش ڪئي ته اهو ئي سبب آهي جو مان انهن شوز ۾ وڃڻ جي حق ۾ نه آهيان ۽ پنهنجي ساٿي فنڪارن کي به گذارش ڪندس ته اهي شوز ۾ نه وڃن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪن. ميزبان جيڪي سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ بدتميزي ۽ غير اخلاقي ڳالهيون ڪن ٿا ۽ مهمانن کي به ان جو حصو بڻجڻ جي تلقين ڪن ٿا.هن پنهنجي ڊگهي پوسٽ جي پڄاڻيءَ تي زندگي ۾ خوش ۽ مثبت رهڻ جو پيغام ڏيندي چيو ته ڪامياب ماڻهن وٽ اهو وقت ناهي هوندو ته هو ٻين جي زندگين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اهو ڏسڻ لاءِ يا ناڪاري ڳالهيون ڪن.
