عمران خان کي پٽن سان فون تي ڳالھائڻ جي اجازت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي وڪيل عمير نيازي ۽ شيراز احمد جي معرفت سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ ۾ پٽن قاسم ۽ سليمان سان فون تي ڳالهه ٻولهه جي درخواست داخل ڪئي هئي.سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪري ورتي.جج ابوالحسنات ذوالقرنين اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي ته عمران خان سان سندس پٽن جي فون تي ڳالهه ٻولهه جا انتظام ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو