عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ هئڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو

عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ هئڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته مان ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي.عمران خان ضمانت واري درخواست منظور ٿيڻ کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان واڪ آئوٽ ٿيو ته صحافين تحريڪ انصاف جي چيئرمين تي سوالن جا نشانا ڪري ڇڏيا. عمران خان صحافين کي ويهڻ دوران جواب ڏنو ته مان ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃان.صحافي پڇيو ته هيرن جو هار ورتو اٿئي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته هار تمام سستا آهن، مهانگي جي ڳالهه ڪريو.صحافي پڇيس ته ”خان صاحب، اوهان جو خطرناڪ پيغام ڪنهن لاءِ آهي؟ جنهن تي چيئرمين تحريڪ انصاف چيو ته اڄ سرگوڌا جلسي ۾ سڀني کي ٻڌائيندس. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي عمران خان اهو به چيو ته هڪ صحافي مون کي بار بار هراسان ڪري رهيو آهي، جنهن تي مون چيو ته مان تمام گهڻو خطرناڪ آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو