عمران خان نااھلي خلاف ڪارڪنن جو اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج

عمران خان نااھلي خلاف ڪارڪنن جو اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج

بدين(ن س)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئر مين عمران خان کي نااھل قرار ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي خلاف بدين ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي اليڪشن ڪميشن بدين آفيس آڏو مظاهرو ڪيو خبر موجب ته تحريڪ انصاف بدين ضلعي جي ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف ڏنل فيصلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي انصاف ھائوس کان اليڪشن ڪميشن آفيس بدين تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ اليڪشن ڪميشن آفيس بدين آڏو مظاهرو پڻ ڪيواحتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر عزيز الله ڏيرو جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميمڻ تعلقي صدر ارباب رفيق نهڙيو لالا نواز شيخ ۽ عورت ونگ جي ضلعي صدر سعيده ملاح جنرل سيڪريٽري سيده پارس شاهه ڪئي ان موقعي تي ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ اڳواڻن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ عوام پاران حقيقي آزادي جي جنگ شروع ڪئي ويئي آهي ۽ جلد عوام کي فتح جي خوشخبري ملندي ۽ ملڪ مان چور حڪمرانن جو خاتمو ڪيو ويندو ۽ عمران خان جي قيادت ۾ عوام جي حڪمراني قائم ڪئي ويندي چور لٽيرا جيل ڀيڙا ٿيندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو