لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان مرد بڻجي قانون کي منهن ڏي.عمران خان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز عمران خان کي سازشن جو بادشاهه قرار ڏنو.سندس چوڻ هو ته عمران خان رڙيون غلط ناهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي گاڊ فادر فيض ۽ سندس باقيات جي مدد سان سازشن جو بادشاهه آهي.هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان فيض ۽ سندس باقايات جي سازشن تحت تڳي رهيا آهيون، هاڻي اوهان ڏسندئو ته ” بگڙيل شهزادي “ اوهان کي ڪيئن مات ڏي ٿي.مريم نواز چيو ته چور ۽ ڌاڙيل وارو موقف ناڪام ٿي چڪو آهي، عمران خان ۽ سندس گهرواري توشا خانا ڪيس ۾ چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيا ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان عدالتن کان بچندو پيو وتي، اهو سندس ڏوهاري هجڻ جو ثبوت آهي، ڄنگهه تي پلاسٽر کيس گهڻو وقت نه بچائيندو، مرد ٿي ۽ قانون کي منهن ڏي.










