عمران خان رياست مدينه جو نعرو لڳائي بادشاهت قائم ڪئي آهي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مديني واري رياست جو نعرو لڳائي عمران خان ماضي جي ظالم بادشاهن جي سلطنت قائم ڪري ورتي آهي.پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري پگهاردار طبقي مٿان 150 ارب روپين جو انڪم ٽيڪس لڳائڻ جي آءِ ايم جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته بجيٽ 22-2021 هڪ اهڙو  دستاويز آهي جنهن ۾ عوام جي کيسن مان  پئسا ڪڍي مخصوص سرمائيدارن کي ايمنسٽي ڏني وئي آهي.پ پ چيئرمين چيو ته ملڪي تاريخ جي سڀني کان ڪرپٽ حڪومت سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائي عوام جي کيسن تي اربين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي منصوبه بندي ڪري ورتي آهي. عام ماڻهو جي معاشي چيلهه ڀڃڻ جي لاءِ عمران خان جي حڪومت پينشن ۽ پروويڊنٽ فنڊز تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.تحريڪ انصاف جي حڪومت اخباري صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي سفري الائونسز تائين به ٽيڪس لڳائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مديني جي رياست جو نعرو لڳائي عمران خان ماضي جي ظالم بادشاهن جي سلطنت قائم ڪري ورتي جتي هو برداشت نه ڪرڻ جوڳن ٽيڪسن سان عوام جو رت چوسي اشرافيه جي عيش عشرت جو سامان پيدا ڪري رهيو آهي.پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جي حڪومت جي عوام دشمن قدمن جي بدولت هوٽل ملازمن کي هاڻ ملازمت دوران ٽيڪس فري کاڌو نه ملندو. تحريڪ انصاف جي حڪومت اهڙو وار ڪيو آهي ته تعليمي ادارن جا ملازم هاڻ پنهنجي ٻارن کي رعايتي يا مفت تعليم ڏيڻ کان به لاچار آهن. پگهاردار طبقي جي ميڊڪل الائونسز جي خاتمي جي ڪوشش عوام دشمني جي انتها آهي. ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ اسپتال پنهنجي ملازمن کي به مفت يا رعايتي علاج جي سهوليت نٿي ڏئي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو