عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي آءِ جي سليم الله خان پاران داخل ڪيل درخواست تي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست گذار کي چيو ته اوهان کي وزيراعظم جي تقرير سبب ڪهڙي پريشاني آهي.ڇا اوهين وزيراعظم کي نا اهل قرار ڏيارڻ چاهيو ٿا، خبر اٿو ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ ڇا اوهين کيس سزا ڏيارڻ چاهيو ٿا؟ درخواست گزار چيو ته هن عدالت جي توهين ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته تازي جاري ڪيل فيصلي ۾ توهين عدالت جا اصول واضح ڪيا ويا آهن ته هي معاملو عدليه ۽ لاڳاپيل شخص جي وچ ۾ آهي. درخواست گزار چيو ته مان آفيسر آف دي ڪورٽ آهيان ۽ عدالت کي آگاهه ٿو ڪريان. چيف جسٽس چيو ته گذريل ڏينهن وارو فيصلو پڙهيو آهي اوهان؟ ان ۾ اصول واضح ڪيا ويا آهن. عدليه تنقيد جي ڀليڪار ڪري ٿي. درخواست گذار چيو ته تنقيد ۽ تضحيڪ ۾ فرق آهي. عدالت فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي سندس درخواست رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان خلاف اڳوڻي آءِ جي پوليس سليم الله خان توهين عدالت جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي. جيڪا چيف جسٽس اطهر من الله اڱاري تي ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتي هئي. درخواست ۾ چيو ويو هو ته 18 نومبر تي هزارا موٽر وي جي افتتاح وقت سپريم ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ۽ ايندڙ چيف جسٽس گلزار احمد خان کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته مان هنن جي عزت ڪريان ٿو ۽ ٻنهي کي چوان ٿو ته ملڪ کي انصاف ڏئي آزاد ڪريو. اها اسانجي تاريخ رهي آهي ته طاقتور لاءِ هڪ قانون آهي ۽ غريبن لاءِ ٻيو قانون آهي. هڪ چيف جسٽس کي هٽائڻ لاءِ بريف ڪيس ڏنا ويا. درخواست گذار موجب عمران خان عدليه جي توهين ڪئي آهي. هن عدليه کي متنازعه بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، کيس توهين عدالت ۾ سزا ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو