عمران خان جي توشه خانا ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ توشه خانه ٽرائل فوري طور روڪڻ جي پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظهر نقوي ۽ جسٽس مسرت هلالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته توهان جي درخواست غير موثر ٿي چڪي هئي، تنهن هوندي به اسان ٻڌو ۽ حڪم ڏنو، اسان صورتحال کي سمجهون ٿا، اسان سوچيو ته هاءِ ڪورٽ بهتر حڪم ڏئي.جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پهريان هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو. ممڪن آهي ته سڀاڻي هاءِ ڪورٽ ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏئي، ٽرائل ڪورٽن جي نگراني جو اختيار هاءِ ڪورٽ جو آهي. هاءِ ڪورٽ مان حڪم ملڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ رليف ڏنو، وڌيڪ ڇا چاهيو؟ اوهان جيڪو رليف گهريو اهو اسان ڏنو هو، حيرت جي ڳالهه آهي ته اوهان اڃا سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندي، اصل سوال عدالتي حڪمن جو آهي. ٽرائل ڪورٽ ۾ قلم 342 تحت بيان رڪارڊ ڪرايو ويو. ٽرائل ڪورٽ اڄ شاهدن جي لسٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٽرائل ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن شاهدن جي لسٽ اڄ نه ڏني وئي ته ٽرائل مڪمل ڪيو ويندو. عدالت سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جو فيصلو اچڻ تائين ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خواجا حارث جي دليلن تي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته هن حڪم نامي جي درخواست ناهي ڪئي. بهتر آهي هاڻي سوچيو ۽ حڪم ناما داخل ڪريو. ممڪن آهي ته هاءِ ڪورٽ کان بهتر آرڊر اچي جيڪو توهان اسان کان گهري رهيا آهيو. بعد ۾ عدالت توشه خاني جي ٽرائل کي فوري طور روڪڻ جي پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو