پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. مردان جي سيشن جج انعام الله پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت علي محمد خان کي 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.علي محمد خان کي اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.ٻئي طرف پشاور هاءِ ڪورٽ علي محمد خان خلاف ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ۾ اينٽي ڪرپشن، ڊپٽي ڪمشنر مردان ۽ نيب کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هڪ ڪيس ۾ آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو آهي.عدالت درخواست جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
