علي آباد وٽ خوفناڪ روڊ حادثو 3 فوت 9 زخمي

کاڻوٺ(ن س) ڪراچيءَ کان شهداد ڪوٽ ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مزدا وچ ۾ علي آباد لڳ زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ٻه عورتون ميهڙ واسڻ 50 ورهين جي مسمات شهر بانو زال الهڏنو جانوري، ڪراچي واسڻ 45 سالن جي مسمات جنت بروهي ۽ 45 سالن جو نامعلوم شخص فوت ٿي ويا. جڏهن ته حادثي ۾ 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ڪراچي واسي گلاب ولد ٽيڪو مل، خادم حسين بروهي ولد آدم خان، ميهڙ واسي شڪيل احمد ولد الهڏنو جانوري، شهدادڪوٽ جو سونو ولد فتن مل، دلشاد ولد سليمان، ظهور احمد ولد خان محمد، نواب خان، نور احمد ولد شفيع محمد شامل آهن. حادثي جي شڪار ٿيل زخمين کي طبي امداد لاءِ لمس اسپتال ڄامشورو ۽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو