عظيم راڳي نصرت فتح علي خان جي 23هين ورسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڍي کنڊ جي عظيم راڳي استاد نصرت فتح علي خان جي اڄ ٽيويهين ورسي ملهائي پئي وڃي. هو 16 آگسٽ 1997۾ 48 سالن جي ڄمار ۾ جگر ۽ گردن جي عارضي سميت مختلف مرض لاحق هئا. هن مختصر عرصي ۾ پنهنجي منفرد انداز سبب دنيا ۾ ڪروڙين مداح پيدا ڪيا. 13 آڪٽوبر 1948 تي فيصل آباد جي راڳي خاندان ۾ جنم وٺندڙ  هن شخص قوالي، صوفياڻي ڪلامن، غزل ۽ گيتن جي حوالي سان وڏي شهرت حاصل ڪئي. استاد نصرت فتح علي خان ‘تو اڪ گورک ڌنڌا هي’، دم مست قلندر مست، علي مولا علي، يه جو هلڪا هلڪا سرور هي، الله هو الله، ڪنا سوهنا تينو رب ني بنايا، اکيان اڊيڪ ديان، ڪسي دا يار نه وڇڙي، ميرا پيا گهر آيا، آفرين آفرين سميت ڪيترائي ياد گار گيت، غزل ۽ ڪالم ڳائي عالمي سطح تي شهرت حاصل ڪئي. هن 125 لبم رليز ڪيا جيڪو عالمي ريڪارڊ آهي. سندس ترتيب ڏنل موسيقي ۽ گانن کي بولي ووڊ ۾ جڏهن شامل ڪيو ويو ته انهن کي به نئون رنگ لڳو.

پهنجو تبصرو موڪليو