عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي، 20 ڪلنڪ ۽ ليبارٽريون سيل

پنوعاقل (ن س)  شهر ۾ غيرقانوني طورهلندڙ ليبارٽرين ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن خلاف ڪاروايون تيز ٿي ويون آهن ، ڊپٽي ڊائريڪٽر هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڊاڪٽر صائمہ، احمد رضا، ڊسٽرڪٽ سکر فوڪل پرسن شبير احمد دايو ۽ ٻين پنوعاقل پهچي شهر جي بائجي چوڪ واري علائقي کان غيرقانوني ليبارٽرين ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا، جيڪي عيد گاه چوڪ، سانول چوڪ ۽ سڌوجا چوڪ سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 20 کان وڌيڪ عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ۽ ليبارٽيون سيل ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته عطائي ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن جون ڪلينڪن ۾ صفائي نه هئڻ ڪري پڻ سيل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه غيرقانوني ڪلينڪن ۽ ليبارٽريون هلائيندڙ ٽيم جو ٻڌي کسڪي ويا، جن جا پڻ تالا ٽوڙي چيڪ ڪرڻ بعد سيل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن مرزاپور محلي ۾ جڏهن هڪ بند پيل ڪلينڪ جا تالا ٽوڙي چيڪ ڪيو ويو ته ڪلينڪ مان سڀ سرڪاري دوائون برآمد ڪيون ويون جنهن کي پڻ سيل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو