عزتدار اڄ جي دور ۾ سياست نه ٿو ڪري سگهي،خورشيد شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته عمران جي حڪومت پهرين حڪومت آھي جنهن  حق وارا پئسا به ناهن ڏنا. حڪومت رڳو ٻئي جي عزت وڃائڻ  وارو ڪم ڪري رهي آھي. مهراڻ ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ جي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي جا آفر آرڊر ورهائڻ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي سيدخورشيد احمد شاھ وڌيڪ چيو ته ٽئين دنيا جي ماڻھن جو سڀ کان وڏو مسئلو روزگار آھي. اميدوار ان جو فائدو وٺي نوڪريون ۽ گهر ڏيڻ جا واعدا ڪندا آھن جيئن هن حڪومت ڪيا پر اقتدار وٺي اهي اعلان وساري چڏيندا آھن. سکر ضلعي۾ 2 هزار جايون خالي پيل آھن. اڍائي سو کان ٽي سو اسڪول بند پيا آھن. وفاق بجيٽ بند ڪري ڇڏي آھي. جنهن سبب سنڌ حڪومت مالي بحران جو شڪار آھي. عمران حڪومت پهرين حڪومت آھي جنهن حق وارا پئسا به ناهن ڏنا پر ان تي ڪا ڳالھ نه ٿي ٿئي ميڊيا ٽاڪ نه ٿي ٿئي. ڪنهن جي عزت کي تباھ ڪرڻو هجي ڪنهن تي الزام هڻڻا هجن ته ميڊيا ٽاڪ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته حق نه ٿا ڏنا وڃن پر ڪچرو ڏيکاري خوار ڪيو ٿو وڃي گند جي ڍيرن تي ڪئمرا هنئي وڃي ٿي پر بند اسڪول نه ٿو ڏيکاريو وڃي. ڪچرو ته هر هنڌ آھي. انصاف نه ٿو ڏنو وڃي ۽ نه ان جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عزتدار ماڻھو اڄ جي دور ۾ سياست نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان سياستدانن ٺاهيو هو سياستدان خراب حالتن کي سنواريندو آھي پر هتي سياستدانن کي ئي خراب ڪيو ٿو وڃي. جيڪو سياستدان ئي ڏوهي ثابت ٿئي ان کي سرعام ڪوڙا هڻي ميڊيا تي ڏيکاريو وڃي پر ڏوھ ثابت ٿيڻ بنا ان کي خراب نه چيو وڃي. هن چيو ته ڪشميري مسلمان مري رهيا آھن مسلمان حڪمران انهن کي ماريندڙن کي ايوارڊ ڏئي رهيا آھن اسان جا حڪمران ملڪ انهن جي حوالي ڪيون ويٺا آھن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ٻيهر جاچڻو پوندو. هڪ حڪمران ملڪن جا دورا ڪري رهيو آھي اسان جا سياستدان ٽيليفون ڪري رهيا آھن. جڏهن پاڪستان ٽٽو هو ته شھيد ڀٽي هڪ ڏينهن ۾ يارنهن ملڪن جو دورو ڪيو هو. اسان پنهنجون زمينون عربن حوالي ڪري ڇڏيون آھن. تقريب ۾ 46 عورتن سميت 121استادن کي آفر آرڊر ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو